حال الله ڪلهوڙو ٻيو

حال الله ڪلهوڙو (ٻيو): ميان حال الله ڪلهوڙو دوم ميان لطف علي ڪلهوڙي اول جو پوٽو هو. هن جي پيدائش 1695ع ڌاري ڳوٺ ڀاوند لاکا قنبر ۾ ٿي. ميان حال الله پنهنجي دور جو سٺو خطاب، ڪاتب ۽ عالم هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي نسخا ڪتابت ۽ تصنيف ڪيائين. هن قرآن مجيد جا به گهڻا ئي نسخا لکيا ۽ فقھ جي موضوع تي هن ڪافي ڪتاب لکيا، پر سندس سمورا ڪتاب زماني جي دست برد کان بچي نه سگهيا ۽ سڀ جا سڀ ضايع ٿي چڪا آهن.
ميان حال الله ڪلهوڙي، ڀاوند لاکا ۾ هڪ مدرسو به قائم ڪيو هو، جتي هو ڳوٺ سميت ڀر وارن ڳوٺن جا ٻار به پڙهائيندو هو ان سان گڏ ميان حال الله ڪتابت ۽ خطاطي جو ڪم ڪندو هو. سندس هٿ اکرين فارسي تشريح سان يــٰس شريف جو هڪ قلمي نسخو موجود آهي. حال الله ڪلهوڙي 1780ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مزار ڀاوند لاکا جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو